خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو

خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو

خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو

خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو: مشهور روحاني بزرگ ۽ اهم ڪلاسيڪي شاعر سلطان اولياءَ خواجه محمد زمان، عبداللطيف نقشبنديءَ جو فرزند هو. خواجه صاحب جي والده مولانا عبدالسلام جوڻ واري جي نياڻي هئي، جيڪو ’مرغوب الاحباب‘ درويش ۽ ابدال هو. خواجه صاحب جي وڏن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هارون الرشيد عباسيءَ جي دؤر (786ع) ۾ سنڌ ۾ آيا. هن خاندان جو حسب نسب ٽيهين پيڙهيءَ ۾ وڃي حضرت ابوبڪر صديق سان ملي ٿو، ۽ خاندان جي سورهين بزرگ شيخ مالڪ بن محمد سهروردي سلسلو اختيار ڪيو هو ۽ ان سلسلي سان سندن تعلق خواجه محمد زمان جي پڙ ڏاڏي تائين رهيو، جڏهن ته سندن ڏاڏي
شيخ طيب بن شيخ ابراهيم نقشبندي طريقو اختيار ڪيو. هي خاندان صدين تائين ٺٽي نگر ۾ سڪونت پذير هو ۽ چيو وڃي ٿو ته سمي گهراڻي جي ابتدائي دور ۾ ڪڇ ۾ وڃي رهيو ۽ اندازن 910 هه مطابق 1504ع ۾ ٻيهر اچي سنڌ وطن ۾ رهيا. خواجه محمد زمان جو جنم 21 رمضان 1125هه/ 30 سيپٽمبر 1713ع تي لنواري (ضلعي بدين) ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ والد وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين. بعد ۾ ٺٽي ۾ مولوي محمد صديق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ ٿوري عرصي ۾ عربي زبان ۽ علم ۾ مهارت حاصل ڪيائين. ان بعد مشهور عارف ۽ تصوف جي ڄاڻو خواجه محمد ابوالمساڪين ولد
خواجه محمد اشرف جي صحبت ۾ داخل ٿيو. خواجه ابوالمساڪين اڳتي هلي خواجه صاحب جو علم ۾ ڪمال ڏسي کيس پنهنجي مسند تي ويهاري، پنهنجي دستار سندس سر تي رکي ۽ کيس بيعت ڏيڻ جي اجازت ڏني. اهڙيءَ ريت خواجه صاحب 25 سالن جي ڄمار ۾ لنواري شريف واپس وريو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ڪجهه ٻيا عالم مخدوم محمد زمان جي ان مرتبي جا مخالف ٿيا. خواجه محمد زمان پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ شاعر هو. شاهه لطيف کان عمر ۾ ننڍو هو، پر روايتون آهن ته شاهه لطيف سندس علميت ۽ بزرگيءَ کان متاثر ٿي وٽس ملاقات لاءِ ويو هو. شاهه صاحب ساڻس ملاقات کان پوءِ چون ٿا ته هيٺيون بيت چيو هو:
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
خواجه محمد زمان جو ڪلام ۽ قول سندن ’ملفوظات‘ ۾ موجود آهي. ڪجهه بيت ’فردوس العارفين‘ ۽ ڪجهه ’مرغوب الاحباب‘ ڪتاب ۾ موجود آهن ۽ ڪي چونڊ قول مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ پنهنجي عربي ’ڪتاب الفضل‘ ۾ ڏنا آهن، جن جو تعداد 440 آهي. انهن مان 243 جو ترجمو ۽ شرح خواجه گل محمد ’الورد المحمدي‘ ڪتاب ۾ ڪئي آهي ۽ باقي 203 جي شرح سندس خاص مريد سيد نور علي شاهه، ’تڪلمة الورد المحمدي‘ نالي ڪتاب ۾ ڪئي آهي. خواجه محمد زمان جا
بيت/ قول سنڌيءَ ۾ هئا، جن جو مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي عربيءَ ۾ ترجمو ڪري، شرح لکي آهي.
خواجه محمد زمان جا 90 سنڌي بيت ملن ٿا، جن مان 84 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي هٿ ڪري ڇپايا هئا. خواجه صاحب جا سنڌي بيت، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بي بها خزانو آهن، جن ۾ تصوف ۽ وطني محبت جا راز سمايل آهن. ڳوڙهي معنيٰ وارا آهن، جن جي روحاني سمجهاڻي گرهوڙي صاحب سهڻي انداز ۾ ڏني آهي.
خواجه صاحب جي ڪلام ۾ وجود وساري حق ۾ گم ٿيڻ جي تعليم آهي. سندس ڪلام حڪمت ۽ عرفان جو ڀنڊار آهي. خواجه محمد زمان جو پهريون سوانح نگار سندس همعصر ۽ مشهور تاريخ نويس مير علي شير فاتع آهي، جنهن مشهور ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيو آهي ته: ”ميان محمد زمان، اڄڪلهه جو مرشد ۽ ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي ٺٽويءَ جي مريدن مان آهي. ڏاڍو هدايت وارو، نقشبندي سلسلي جي مريدن جو مرجع ۽ وڏين ڪرامتن جو صاحب آهي. هن وقت بدين جي ويجهو لنواريءَ جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. هڪ دنيا کي فيض جي درياهه مان سيراب ڪري رهيو آهي. گهڻن ماڻهن جو اعتقاد آهي ته هن وقت سندس وجود بينظير آهي. ڪنهن به پيدائش نه هوندي وٽس عام مهمان خانو هلي ٿو. عجب هي آهي ته هڪ ٽولو حقيقت کي سمجهڻ کان سواءِ رڳو ظاهر ٿي مٿس طعنه زنيءَ ۾ مشغول آهي.“ خواجه صاحب جو ڪلام فڪر انگيز ۽ معنيٰ خيز آهي. عارفن ۽ عاشقن جو بيان هن ريت ڪيو اٿس:
عارف ۽ عاشق، پسڻ گهرن پرينءَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃا اورانهان ٿيا.
خواجه محمد زمان جي وفات 4 ذوالقعد 1188هه/6 جنوري 1775ع تي ٿي.


لفظ خواجه محمد زمان لنواريءَ واروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1713.09.30  عيسوي

خواجه محمد زمان جو جنم 21 رمضان 1125هه/ 30 سيپٽمبر 1713ع تي لنواري (ضلعي بدين) ۾ ٿيو.


1775.01.06  عيسوي

خواجه محمد زمان جي وفات 4 ذوالقعد 1188هه/6 جنوري 1775ع تي ٿي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن درس
پرويز سجاد حيدر
بِنگو گوپانگ
اميد علي لغاري
زيب مگسي
ائنا اخمتووا
سليمان شاهه لڪياري
بيخود بلوچ
رکيل شاهه
صهبا لکنوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون